اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ته ??اڪ??تان قديم ترين ثقافتن ۽ تاريخي جايون رکندڙ ملڪ طور اڄ سياحت جو عالمي ڏها??و ملهائي رهيو آهي، اڄ 27 سيپٽمبر تي سڄي دنيا سياحت جو عالمي ڏهاڙو سياحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي جي عنوان سان ملهائي ر??ي آهي، وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن گڏيل قومن جي عالمي سياحت جي اداري جي اهتمام هيٺ گڏيل قومن جي سمورن ميبر ملڪن ۾ ملهايو وڃي ٿو، ??اڪ??تان عالمي ڏهاڙي کي پوري جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جي لاءِ سدائين عالمي برادري جو ساٿ ڏنو ??هي. سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان جاري پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته هلندڙ سال ان ڏينهن جو موضوع سياحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي چونڊيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته سياحت جو شعبو ڳوٺاڻن علائقن جي معاشي ترقي جا وسيع موقعا فراهم ڪري ٿو جتي اقتصادي سرگرمين جي فروغ جي سخت ضرورت آهي.