اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيڪل يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته هو نرسنگ پروگرامن تي ڌيان ڏين ۽ نرسنگ جي شاگردن جي تعداد ۾ اضافو ڪن ته جئين ملڪ ۾ نرسز جي ??وٽ پوري ٿي سگهي. اهڙن خيالن ??و اظهار هن ايوان صدر ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي سينٽ اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. صدر ميڊيڪل يونيورسٽين تي زور ڏنو ته هو شاگردن جي تع??يم جي معيار کي بهتر بڻائين ۽ غير ملڪي شاگردن کي به مائل ڪن، ايوان صدر مان جاري بيان موجب شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر تنوير خالق صدر کي طب جي تع??يم لاءِ ??ونيورسٽي جي ??ردار جي باري ۾ بريفنگ ڏني.