اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن وا??ي وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ ويجها دوستاڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، ثقافت، تعليم ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي ذريعي پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ ??ضبوط بڻائڻ لاءِ وسيع موقعا ۽ سگهه موجود آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه هتي جاپان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير متسو هيرا وا??ا سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻي ٻطرفي تعاون، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙي موقف تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. عهدو ڇڏيندڙ سفير متسو هيرا وا??ا جنهن پاڪستان ۾ پنهنجي ٽن سالن جي مدت پوري ڪري ورتي، پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ 1952ع ۾ قائم ٿيل سفارتي لاڳاپن کانپوءِ اقتصادي ۽ سفارتي لاڳاپن ۾ مستحڪم اڳڀرائي تي روشني وڌي. هن ٻطرفن لاڳاپن ۾ مثبت رجحانن جو به حوالو ڏنو ۽ چيو ته جاپان واپار ۽ ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ، ثقافت، راندين، نوجوانن ۽ تعليمي مٽاسٽا ۾ واڌ ذريعي پاڪستان سان تعاون ۾ پرعزم آهي. هن صحت، تعليم، ماحوليات، پاڻي ۽ حڪمراني جي طرز جهڙن گڏيل ترجيحي شعبن ۾ جاپان جي پاڪستان جي حمايت جي عزم کي پڻ ورجايو. ناڻي وا??ي وزير پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ پراڻن ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي ساراهيو ۽ پاڪستان لاءِ جاپان جي ترقياتي ۽ اقتصادي امداد جي اهميت تي روشني وڌي. ناڻي وا??ي وزير پاڪستاني معيشت کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ ان کي مضبوط بڻائڻ ۾ جاپان جي اهم ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، ثقافت، تعليم ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ ذريعي پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جا وسيع موقعا ۽ صلاحيت موجود آهي. ناڻي وا??ي وزير جاپاني سفير کي ملڪي معيشت جي صورتحال ۽ مختلف معاشي اهڃاڻن ۾ نمايان بهتري کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته حڪومت پنهنجي سڌارن وا??ي ايجنڊا کي پائيدا?? بنيادن تي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. اقتصادي استحڪام جي تسلسل کي برقرار رکڻ لاءِ ان رستي تي مستقل مزاجي سان هلڻ ضروري آهي، هن چيو ته پائيدار اقتصادي ترقي لاءِ قدمن جي نتيجن ۾ معيشت مستحڪم ٿي وئي آهي.