اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي س?? سي) جو خاص اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صنعتن ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، توانائي وارو وفاقي وزير سردار اويس خان لغاري، منصوبا بندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين بابت مم??ڪت?? وزير علي پرويز ملڪ (آن لائن شرڪت) کان علاوه لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن جي وفاقي س??ڪريٽري?? ۽ ??ينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اي س?? سي گذريل فيصلن تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، جن جو تعلق ماليات، گهرو، صنعت ۽ پيداوار، بين الصوبائي هم آهنگي، هائوسنگ ۽ اڏاوتي، خوراڪ ۽ تحفظ ۽ تحقيق، توانائي، قومي صحت جي خدمتن، قاعد?? ۽ ??ابطن ۽ هم آهنگي سان لاڳاپيل معاملن سان هو. اي س?? سي کي گذريل فيصلن تي عملدرآمد جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، جنهن کانپوءِ لاڳاپيل وزارتن انهن مسئلن تي ڌار ڌار پريزينٽيشن ڏن??ون جيڪي س??دن وٽ التوا هيٺ هيو?? ۽ ??نهن جي حل لاءِ کنيل قدمن ۽ گهربل قدمن تي روشني وڌي. اي س?? سي پنهنجي فيصلن کي لاڳو ڪرڻ ۾ دير تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ لاڳاپيل وزارتن کي هدا??ت ڪئي ته هو پنهنجي هم آهنگي کي بهتر بڻائين ۽ ڌُرين، وزارتن ۽ ڊويزنن سان هڪ مناسب مڪينزم ذريعي فعال طور ڪم ڪن ته جيئن اي س?? سي جي فيصلن تي وقت سر عملدرامد ۽ ڏنل ڪم?? ۽ ??ميدارين جي پڄاڻيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي.