اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 29 کان 30 آڪٽوبر تائين سعودي عرب جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم رياض ۾ منعقد ٿيندڙ فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو جي اٺين ايڊيش?? ۾ ??رڪت ڪ??دو، ڪابينا جا اهم ميمبر پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندا. فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ملڪن جي لاءِ معاشي طاقت کي ظاهر ڪرڻ، غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ هڪ پائيدار مستقبل جي جوڙجڪ جي لاءِ مڪالمي ۾ مشغول ٿيڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم جي طور تي ڪم ڪري ٿو. هن سال جي فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو جو ٿيم ”انفينيٽ هورائزنز: انويسٽنگ ٽو ڊي، شپنگ ٽو مور“ آه?? جيڪو عالمي سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيندو جنهن جو مقصد مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس، تعليم، توانائي، خلا، ماليات، صحت جي سارسنڀال ۽ پائيداري جهڙن اهم مسئلن کي حل ڪرڻ آه??. بيان موجب وزيراعظم جي سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان ۽ ٻين اعليٰ سعودي عملدارن سان اهم ٻطرفي ڳالهه ٻولهه متوقع آه??. ڌريون پاڪستان ۽ سعودي عرب جي و?? ۾ ??قتصادي ۽ تزويراتي حصيداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون ۽ اقتصادي، توانائي ۽ دفاعي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون تي غور ڪنديون. وزيراعظم جي فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو جي اٺين ايڊيشن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪ??دڙ اڳواڻن ۽ ڪاروباري ماڻهن سان ملاقات پڻ متوقع آه??.