ڪراچي-23 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته مادر جمهوريت ??يگم ??صرت ڀٽو آمريت ۽ جبر خلاف مزاحمت ۽ جمهوريت لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي علامت آهي. مادر جمهوريت ??يگم ??صرت ڀٽو جي 13هين ورسي جي موقع?? تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن بيگم ??صرت ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته جمهوريت، انصاف ۽ برابري جي جدوجهد ۾ بيگم ڀٽو جون خدمتون ۽ قربانيون بي مثال آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان بيگم ??صرت ڀٽو کي سلام پيش ڪريان ٿو، جمهوريت لاءِ سندس بي لوث وابستگي، مسلسل چئلينجن جي باوجود سندس عزم ۽ حوصلو غير معمولي ورثي جو ثبوت آهي. بيگم ??صرت ڀٽو جمهوريت لاءِ قيد ۽ اذيتون برداشت ڪيون. پيپلز پارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي سياسي جدوجهد جي تاريخ بيگم ڀٽو جي ذڪر کانسواءِ اڻپوري رهندي. هن چيو ته جمهوريت ??ي ماءُ جي ياد پارٽي ۽ قوم ٻنهي لاءِ اميد، طاقت ۽ رهنمائي جي علامت رهندي.