واشنگٽن -23 آڪٽوبر ( اي پي پي )ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان ورلڊ بينڪ ۽ آئي ايم ايف جي سالياني گڏجاڻي جي موقعي تي سندس سعودي هم منصب محمد الجدان سان واشنگٽن ۾ ملاقات ڪئي. ان دوران گ??يل دلچسپي جي شعبن ۾ سهڪار ??ڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ تاريخي ۽ ڀا??را??ن ناتن جي واکاڻ ڪندي گ??يل دلچسپي تي ٻڌل اقتصادي تناتن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ، ٻطرفي وا??ار کي هٿي ڏيڻ ۽ اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري جي سهولت فراهم ڪرڻ جو عزم ڪيو . سعودي عرب جي وزير توانائي جي شعبن ۾ سڌارن جي حوالي سان پنهنجا تجربا به شيئر ڪيا. ٻنهي اڳواڻن گ??يل دلچسپي جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ، گ??يل اقتصادي ناتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ گ??يل ڪوششن تي اتفاق ۽ ٻه طرفي وا??ار کي وڌائن سان گڏو گڏ اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هيو ته ان طرح جا قدم ٻنهي ملڪن جي معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا .