اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپ??ڪر سردار اياز صادق چيو آهي ت?? سفيد لَڪڻ نُور کان محروم ماڻهن جي پاڻڀرو ۽ خود اعتمادي جي علامت آهي، سفيد لَڪڻ جو ڏينهن نُور کان محروم ماڻهن جي هر ممڪن مدد، همٿ افزائي ڪرڻ ۽ کين قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب سفيد لَڪڻ جي عالمي ڏينهن جي موقعي ت?? اسپ??ڪر نُور کان محروم ماڻهن جي همٿ ۽ استقامت کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته نُور کان محروم ماڻهو اسان جي معاشري ??و هڪ اهم حصو آهن، انهن جي فلاح ۽ ڀلائيءَ ۽ همٿ افزائي اسان جي اجتماعي ذميواري ??هي. هن چيو ته نُور کان محروم ماڻهن جي صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي کين معاشري ??و ڪارآمد ۽ سرگرم شهري ??ڻائي سگهجي ٿو. هن نُور کان محروم ماڻهن جي صلاحيتن کي بهتر طريقي سان استعمال ڪرڻ ۽ کين معاشرتي زندگيءَ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ جي قدمن کڻڻ جي ضرورت تي زور ??ري?? ته جيئن هو به هڪ باعزت ۽ ڪامياب شهريءَ جي حيثيت سان زندگي گذاري ??گهن. هن وڌيڪ چيو ته نُور کان محروم ماڻهن کي تعليم، روزگار ۽ ٻين شعبن ۾ هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن اهي ماڻهو معاشري ??ي تعمير ۽ ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري ??گهن ٿا. هن چيو ته سفيد لَڪڻ جو عالمي ڏينهن ان عهد جو ڏينهن آهي ت?? اسان نُور کان محروم ماڻهن جي حقن جي تحفظ ۽ سندن زندگيءَ کي آسان بنائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻون. اسپ??ڪر چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ اثرائتي قانونسازيءَ ذريعي خاص ماڻهن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو ته قومي اسيمبلي نُور کان محروم ماڻهن جي سهولت لاءِ پاڪستان جي آئين کي بريل لکڻيءَ ۾ جوڙيو آهي ۽ قومي اسيمبلي جي ويب سائيٽ کي نُور کان محروم ماڻهن لاءِ پهچ جوڳو بڻايو. هن چيو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي بلڊنگ کي معذورن لاءِ پهچ جوڳو بڻايو ويو آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته قومي اسيمبلي نُور کان محروم ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ سندن حقن جي تحفظ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن نُور کان محروم ماڻهن کي خاص ٽيڪنالاجي جي فراهمي جي ضرورت تي زور ??ري??دي چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان نُور کان محروم ماڻهن جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪري ??گهجن ٿيون.