اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) جون ??يلڊ فارميشنز آفيسون 28 ۽ 29 سيپٽمبر (ڇنڇر ۽ آچر) تي کليل رهن??يو??. فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي سرڪلر مطابق 28، 29 ۽ 30 سيپٽمبر 2024ع تي ڊيوٽي ۽ ٽيڪسن جي وصولي جي حوالي سان سموريون ??يلڊ آفيسون ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن به کليل رهن??يو?? ته جيئن ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز جي بروقت وصولي يقيني بڻائي سگهجي. ان ڏينهن ۾ فيلڊ آفيسن جي ڪم ڪرڻ جو وقت وڌايو ويو آهي، 28 ۽ 29 سيپٽمبر تي آفيسون رات 10 وڳي تائين جڏهن ته 30 سيپٽمبر تي اڌرات تائين کليل رهن??يو??. وصول ڪيل ڊيوٽيز ۽ ٽيڪسز کي ساڳئي ڏينهن اسٽيٽ بئنڪ جي لاڳاپيل برانچن ۾ منتقلي يقيني بڻائڻ لاءِ چيف ڪليڪٽرز کان اسٽيٽ ۽ نيشنل بئنڪ جي مجاز شاخن سان رابطو قائم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي.