اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته واقعي جي ذميوارن جي جل?? کان جل?? سڃاڻپ کانپوءِ انهن کي منطقي انجام تائين پهچايو و??ند??، پاڪستان ۾ موجود اسان جي چيني ڀائرن جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ جي ان ڪڌي سازش ک?? هرگز برداشت نه ڪيو و??ند??. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني سفارتخاني ويو ۽ هن پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زيڊانگ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيني سفير سان ڪراچي ۾ چيني قافلي تي دهشتگرد حملي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي شديد ڏک جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي ان واقعي جي ذميوار ماڻهن جي جل?? کان جل?? سڃاڻپ جي لاءِ حڪومت مڪمل طور تي متحرڪ آهي، واقعي جي ذميوارن جي جل?? کان جل?? سڃاڻپ کانپوءِ انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو و??ند??. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ موجود اسان جي چيني ڀائرن جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ جي ان ڪڌي سازش ک?? هرگز برداشت نه ڪيو و??ند??، ان واقعي جي جاچ جي آئون ذاتي طور تي پاڻ نگراني ڪندس، غيرملڪين جي لاءِ سيڪيورٽي انتظامن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو و??ند??. چيني سفير ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي کانپوءِ پاڪستان حڪومت پاران فوري ردعمل ۽ جاچ شروع ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن معاملي جي موثر جاچ، ذميوار دهشتگردن جي فوري سڃاڻپ ۽ انهن کي جل?? کان جل?? ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ۾ پاڪستان حڪومت تي اعتماد جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته واقعي جي ذميوار ماڻهن کي جل?? کان جل?? قرار واقعي سزا ڏني و??ند??. ملاقات ۾ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.