اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گڏيل خوشحالي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار مقامي هوٽل ۾ عوامي جمهوريه چين قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه جي مناسبت سان چ??ني سفارتخاني جي اهتمام هيٺ چين جي قومي ڏينهن جي آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، وفاقي وزيرن، پاڪستان ۾ چين جي سفير، غيرملڪي سفارتڪارن، چيني شهرين، معززين ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي. صدر چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جو هڪ نئون رخ متعارف ڪرايو آهي. هن ٻنهي مل??ن جي عوام جي لاءِ وڌ کان ??ڌ فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. صدر ان ??وقعي تي چيني ڀائرن ۽ ڀينرن کي دل سان ??بارڪباد پيش ڪندي چيو ته پهرين آڪٽوبر جو ڏينهن هڪ مضبوط ۽ متحد چين جي ٻيهر جنم جو نشان آهي جيڪو ڪميونسٽ پارٽي جي دو??انديش قيادت ۾ چيني عوام جي دليراڻي جدوجهد جي ذريعي حاصل ڪيو ويو. صدر آصف علي زرداري ان ??وقعي تي پاڪ چين دو??تي کي هر موسمي اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ماضي ۽ حال جي نسلن جي اڻٿڪ تعاون جو ذڪر ڪيو. هن چ??و ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اها حصيداري بين الرياستي لاڳاپن جي نموني جي طور تي ڪم ڪري ٿي ۽ اها ٻنهي مل??ن جي لاءِ تحريڪ ۽ طاقت جو ذريعو بڻجي ٿي. هن چ??و ته چين پاڪستان جو مضبوط ڀاءُ آهي ۽ پوري قوم کي پائيدار دو??تي تي فخر آهي ڇو ته ٻئي ملڪ آزمائش جي هر گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل آهن. صدر اميد ظاهر ڪئي ته چين ايندڙ ڏهاڪن ۾ اهم سنگ ميل حاصل ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي جنهن سان ??ه رڳو ان جي ترقي کي سگهه ملندي پر سياست، معاشيات ۽ ثقافت جي عالمي منظرنامي کي پڻ مثبت انداز ۾ تبديل ڪيو ويندو.