اسلام آباد-14 سي??ٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ سي??يٽ ۾ قائد ايوان سي??يٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته مثبت سوچ سان اسان کي اڳتي وڌڻو آهي ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي، مخالف ڌر به ان عمل ۾ اسان جو ساٿ ڏي، عددي انگ پورو ٿي ويو ته ترميمون آڻينداسين. سي??يٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سي??يٽر شبلي فراز جي اعتراض واري نقطي جي جواب ۾ اسحاق ڊار چيو ته خصوصي ڪميٽي پارليامينٽ جو وقار بحال ڪرڻ لاءِ جوڙي وئي، ڪميٽي ۾ سي??يٽ جي ميمبرن کي به شامل ٿيڻ گهرجي. دنيا ۾ آئيني عدالت جو نظام نئون ناهي، ملڪ ۾ آئيني عدالت جو قيام ض??ور?? آهي، جيڪڏهن عددي انگ پورو ٿي ويو ته ترميم آڻينداسين. مثبت سوچ سان اسان کي اڳتي وڌڻو آهي ۽ هن ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي. اسحاق ڊار چيو ته اسان کي اصولن جي سياست کي نه ڇڏڻ گهرجي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور ۾ اڌ ڪلاڪ ۾ 22 ترميمون ٿيون هيون، جيڪي شيون ارڙهين ترميم ۾ ان وقت نه ٿي سگهيون هيون، ان کي اسان هاڻي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ره??ا آهيون. هن چيو ته آئيني عدالت جو تصور نئون ناهي۽ ان جي بي پناهه پذيرائي آهي. هن چيو ته اهڙي طرح انهن جو فيصلو آيو ته توهان جيڪڏهن پارٽي لائن جي خلاف ووٽ ڏيندا ته اوهان جو ووٽ ڳڻيو نه ويندو ۽ اوهان ايوان جي ميمبرشپ تان به فارغ ٿي ويندا، ته اهو ڪهڙو قانون آهي، ان جي غلط تشريح ڪئي وئي، نه ووٽ ڳڻيا ويا ۽ ممبرشپ ختم ڪئي وئي. قانون واري وفاقي وزير سي??يٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته ان معاملي تي هڪ اپيل لڳل آهي، جيڪو پارٽي لائين ڪراس ڪري ان تي ريفرنس موڪلينداسين ته ان کي نااهل ڪيو وڃي، سپريم ڪورٽ چيو ته 63 اي ۾ تشريح ڪريون ٿا ته جيڪو ووٽ وجهندو، اهو به ڳڻيو نه ويندو ۽ ان کي نااهل به ڪيو ويندو، ووٽ ڳڻيو ناهي وڃڻو ته سزا ڪهڙي ڳالهه جي آهي؟ سي??يٽر فاروق ايڇ نائيڪ ان حوالي سان ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سزا تڏهن ملندي جڏهن ڪو ڏوهه هجي، فلور ڪراسنگ تي ووٽ جيڪڏهن ڳڻيو نٿو وڃي ته سزا ڪنهن جي لاءِ آهي. سي??يٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته ڪير به جيڪڏهن غلط ڪم ڪري ره??و هجي ته ان کي غلط چوڻ گهرجي. سي??يٽر ايمل ولي خان چيو ته عو??مي مفاد ۾ قانونسازي پارليامينٽ جو حق آهي، ارڙهين ترميم تحت اختيار صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ گهرجن، اقتصادي ۽ پرڏيهي پاليسي به عو??م جي مفاد کي نظر ۾ رکي ٺاهڻ گهرجي. مهانگائي، بجلي جي ڳرن بلن ۽ ٽيڪسن ۾ به گهٽتائي آڻڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. ان کان اڳ سي??يٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سي??يٽر شبلي فراز چيو ته اڄ جنهن مقصد لاءِ اجلاس گهرايو ويو آهي اهو هر زبان تي آهي، قانونسازي جو هن ايوان جو استحقاق آهي، هن ايوان جا ميمبر جڏهن پنهنجي ذميواري پوري ڪن ٿا ته ان تي فخر ٿئي ٿو پر قانونسازي عو??مي مفاد ۾ هجڻ گهرجي.