اسلام آباد -11 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته قائداعظم مح??د علي جناح جي مدبراڻي، اص??ل پسند ۽ دور انديش قيادت عيوض ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ آزاد رياست جو خواب ساڀيان ٿيو ۽ هڪ اهڙي فلاحي رياست جو قيام عمل ۾ آيو جتي سمورن شهرين کي برابري جا حق آهن. گذريل ڏينهن باباءِ قوم قائداعظم مح??د علي جناح جي قائداڻين صلاحيتن ۽ بصيرت کي خراج عقيدت پيش ڪندي چ??و ته قائداعظم جي مدبراڻي، اص??ل پسند ۽ دور انديش قيادت عيوض ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ آزاد رياست جو خواب ساڀيان ٿيو ۽ هڪ اهڙي فلاحي رياست جو قيام عمل ۾ آيو جتي سمورن شهرين کي برابري جا حق، معاشي ۽ سماجي حق حاصل آهن جتي هو پنهنجي رسمن، رواجن ۽ عقيدن مطابق مڪمل مذهبي آزادي سان زندگي گذاري سگهن. انهن خيالن جو اظهار هن باباءِ قوم جي 76هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. اسپيڪر چيو ته باباءِ قوم جي زندگي اص??ل پسندي، جدوجهد، سياسي بصيرت، ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي سونهري اص??لن جو عملي نمونو هئي. هن چيو ته قائداعظم اهڙي رياست جي قيام جو خواب ڏٺو هو جتي ڪنهن کي لساني، طبقاتي، مذهبي ۽ عددي بنيادن تي فوقيت حاصل نه هجي. اسپيڪر ان موقعي تي قائداعظم مح??د علي جناح جي ره??ما اص??لن تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چ??و ته هن وقت ملڪ کي جن چئلينجز جو منهن ڏسڻو پئجي ره??و آهي انهن کي پاڪستان جي باني جي ره??ما اص??لن ايمان، اتحاد ۽ تنظيم تي عمل پيرا ٿي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته قائداعظم مح??د علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته سندس سونهري اص??لن تي عمل پيرا ٿي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ مح??ت ۽ جدوجهد ڪيون. هن سمورين سياسي پارٽين کي پارٽي وابستگين کان مٿانهون ٿي ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اسپيڪر الله تعاليٰ کان پاڪستان جي باني قائداعظم مح??د علي جناح جي درجن جي بلندي ۽ سندس سونهري اص??لن تي عمل پيرا ٿيڻ ۽ ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ توفيق عطا فرمائڻ جي دعا گهري.