اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته اڄ اسان پاڪستان جي فارن سروس جي هڪ ايماندار آفيسر کي الوداع ڪريون ٿا، عهدو ڇڏيندڙ پرڏيهي سيڪر??ٽر?? محمد سائرس ??جاد قاضي گذريل 34 سالن ۾ پاڪستان جي وڏي امتيازي خدمت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي آفيس ۾ پرڏيهي سيڪر??ٽر?? جي اعزاز ۾ الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي ڪ??و. ??ن چيو ته پاڪستان جي لاءِ سندس نمايان خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ هو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو محور رهيو ۽ هن عالمي سفارتڪاري جي پيچيدگين کي عزم ۽ ديانتداري سان نڀا??و. ??ائب وزيراعظم چيو ته بطور پرڏيهي سيڪر??ٽر?? ۽ ان کان اڳ ترڪيءَ ۽ هنگري ۾ پاڪستان جي سفير طور هن پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان حصيداري کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي. هن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سفارتي مصروفيتن جي جوڙجڪ ?? اهم ڪردار ادا ڪ??و. ??ن چيو ته اعليٰ سطحي ملاقاتن دوران هو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۽ قومي مفاد جي گهري ادراڪ سان واڳيل پنهنجي گهري بصيرت سان نمايان ره??و. ??ائب وزيراعظم چيو ته اسان گذريل ڪيترن ئي مهينن کان گڏجي ڪم ڪيو، مون کيس هڪ ذهين ۽ پاڪستان جي خدمت جي لاءِ مضبوط عزم سان هڪ شاندار شخص ڏٺو، سندس سڀ کان ساراهه جوڳي خصوصيتن ۾ هڪ جيڪا نمايان آهي اها سندس اڻٿڪ ايمانداري آهي. هن عهدو ڇڏيندڙ پرڏيهي سيڪر??ٽر?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان توهان کي ياد ڪنداسين ۽ توهان جي تعاون جي سدائين تعريف ۽ قدر ڪئي ويندي.