ڪوئيٽه-06 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وز??ر مير سرفراز بگٽي 6 سيپٽمبر يوم دفاع جي مناسبت سان پنهنجي جاري پ??غا?? ۾ چيو آهي ته 6 سيپٽمبر جو ڏينهن مُلڪ جي تحفظ، سلامتي ۽ دفاع لاءِ اجتماعي قومي جذبي ۽ عزم کي هميشه قائم رکڻ جو درس ڏئي ٿو ۽ 6 سيپٽمبر 1965ع تي ئي اسان جي فوج دشمنن جا قدم ٽوڙي ڇڏيا ۽ مادرِ وطن جي دفاع لاءِ شيهي جي ديوار بڻجي وئي. وڏي وز??ر چيو ته پاڪستان جي وجود کان وٺي اڄ تائين اسان جي بهادر فوج ملڪ ۽ قوم لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن ۽ ملڪ کي هميشه دشمن جي ميري نظر کان محفوظ بڻايو آهي. وڏي وز??ر چيو ته يوم دفاع ان عهد جي تجديد آهي ته اسان پنهنجي عظيم شهيدن جي قربانين کي ضايع ڪرڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته ص??بي ۾ امن امان ۽ تخريبڪار عنصرن خلاف ص??بي جو عوام هميشه پنهنجي بهادر فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن س??ن ڪلهوڪلهي ۾ ملائي سندن مضبوط ٻانهون بڻيو آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ وارن س??ن ڪا رعايت نه ڪئي ويندي، صوبائي حڪومت پنهنجي سيڪيورٽي ادارن جي تعاون سان پنهنجي ڌرتي جي هڪ هڪ انچ جو دفاع ڪندي ۽ ص??بي ۾ تخريبڪاري، ڏڦيڙ ۽ دهشتگردي ڦهلائڻ وارن کي منتقي انجام تائين پهچايو ويندو. وڏي وز??ر يوم دفاع جي موقعي تي وطن عزيز جي سمورن شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو.