مريدڪي- پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صنعت، ??يداوار ۽ قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي رهائشگاه تي وڃي سندس ڀاءُ، صوبائي اسيمبلي جي ميمبر راڻا افضال حسين جي وفات تي افسوس جو ??ظهار ڪندي تعزيت ڪئي. وزير اعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل لاءِ ڌڻي در دعا گهري. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته راڻا افضال حسين جي سياسي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.