اسلام آباد-30 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته وفاقي اوڳاڙين جو 100 سيڪڙو ??رض?? جي ادائيگي ۾ هليو ويندو آهي، ارڙهين ترميم کانپوءِ علائقائي ترقي صوب?? جي ذميواري آهي، پر ا?? جي باوجود وفاقي حڪومت مختلف ضلعن ۾ صوبن سان گڏجي ترقياتي پروگرام شروع ڪيا آهن، سکر –حيدرآباد موٽر وي منصوبي جي حوالي سان چين سان ڳالهيون جاري آهن جهڙي طرح به ممڪن ٿيو اهو منصوبو مڪمل ڪيو ويندو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران آغا رفيع الله جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته بنا شڪ جي ترقي جي حوالي سان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ فرق ڏٺو وڃي ٿو. هن چيو ته پي ايس ڊي پي جو ڳا??يٽو 1400 ارب کان گهٽجي 1100 ارب تائين اچي ويو آهي، ممڪن آهي ان ۾ اڃان به گهٽتائي اچي ڇاڪاڻ ته وفاق جي اوڳاڙين جو 100 سيڪڙو ??رض?? ۾ هليو ويندو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڍانچاجاتي سڌارن جو عمل جاري آهي، ارڙهين ترميم کانپوءِ اسا?? جي ترقي جون ضرورتون تبديل ٿي ويون آهن، وفاقي ترقياتي بجيٽ جو ڳا??يٽو گهٽجڻ باوجود وفاقي حڪومت ملڪ جي 20 ضلعن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت?? جي شراڪت سان ترقياتي پروگرام شروع ڪيا آهن. آءِ ايم ايف سان فريم ورڪ سبب وزيراعظم عوام تي گهٽ کان گهٽ بار وجهڻ چاهي ٿو، 2018ع ۾ صوبائي نوعيت جي منصوبن جو پي ايس ڊي پي ۾ ڳا??يٽو 15 سيڪڙو هو جيڪو هاڻي 40 سيڪڙو تائين اچي ويو آهي، پر وفاقي حڪومت جي وسيلن ۾ 60 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته بنيادي طور تي علائقائي ترقي صوب?? جي دائري ڪار ۾ اچي ٿي. ڊاڪٽر شازيه ثوبيه جي ضمني سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پي ايس ڊي پي جي ورڇ صوبائي بنيادن تي ناهي ٿيندي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪنهن صوبي ۾ بجلي جو ڪو منصوبو لڳي ٿو ته ان جو فائدو پوري ملڪ کي ٿئي ٿو،گذريل بجيٽ جي موقعي تي پي ايس ڊي پي ۾ بلوچستان لاءِ سڀ کان وڌيڪ منصوبا رکيا ويا هئا، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي – حيدرآباد سپر هاءِ وي کي موٽر وي بڻايو ويو آهي پر اسان اهو سمجهون ٿا ته اهو ڪافي ناهي، چي?? جي مدد سان ڪراچي – حيدرآباد نئين موٽر وي منصوبي جي فزيبلٽي ٺاهي پئي وڃي. سکر – حيدرآباد موٽر وي منصوبو جيڪو اسا?? جي حڪومت وڃڻ کانپوءِ ختم ڪيو ويو هو هاڻي ان منصوبي جي تڪميل لاءِ چين سان ڳالهين جو عمل جاري آهي. اعجاز جکراڻي جي سوال جي جواب ۾ احسن اقبال چيو ته اسان کي ترقي جي عمل کي وڌائڻ لاءِ نجي شعبي کي به حصيدار بڻائڻو پوندو. سکر – حيدرآباد موٽر وي منصوبي لاءِ اسان وٽ ٻئي آپشن موجود آهن آه?? جيڪو بهتر لڳو ان منصوبي کي مڪمل ڪيو ويندو.