ڪوئٽا-26 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وزيراعليٰ مير سرفرا?? بگٽي موسيٰ خيل ويجهو دهشتگردي واري واقعي جي مذمت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. پنهنجي بيان ۾ بلوچستان جي وزيراعليٰ مير سرفراز احمد بگٽي موسيٰ خيل جي علائقي راڙاشم ۾ پيش آيل واقعي جي مذمت ڪندي قتل ٿيل ماڻهن جي خاندانن س??ن افسوس جو اظهار ڪيو. هن واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته موسيٰ خيل ويجهو دهشتگ??دن معصوم ماڻهن کي نشانو بڻايو. دهشتگ??دن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انجام تائين پهچائينداسين. بلوچستان حڪومت دهشتگ??دن ۽ انهن جي سهولتڪارن جو پيڇو ڪندي. هن بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال تي هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو.