اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ملڪ جي مختلف علائقن خاص ڪري بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ برسات?? ۽ ??وڏ جي وهڪرن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ سينيٽ چيئرمين ڏک جي هن گهڙي ۾ متاثرن جي وارثن سان ڏ?? ۽ ??فسوس جو اظهار ڪندي چيو ت?? سندن غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان، الله تع??لي?? کان دعا آهي ته زخمين کي جلد صحتيابي عطا فرمائي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني لاڳاپيل ادارن کي قدمن ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت به ڪئي. هن چيو ت?? قدرتي آفتون هڪ عالمي مسئلو آهن، گڏيل ڪوششن سان ئي ناڪاري اثرن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. هن وقت پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جهڙا ??ئل??نجز سامهون آهن، برسات دوران ماڻهن کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن.