اسلام آباد -19 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته ماحولياتي تبديليون زراعت جي روائتي طريقن تي اثر انداز ٿي رهيون آهن. 2022ع جي ٻوڏ سان 30 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو، پاڪستان زرعي جنسن جي پيداوار ۾ پهرين 10 ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو پر پيداواريت جي شرح ۾ گهٽ آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن ن??شن?? اسڪول آف پبلڪ پاليسي لاهور ۾ فوڊ سيڪيورٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته فوڊ سيڪيورٽي قومي سيڪيورٽي ۽ ترقي جو اهم ٿنڀ آهي. وفاقي وزير چيو ته جهڙي طرح ارشد نديم گولڊ ميڊل کٽيو هو پوري قوم لاءِ م??عل راهه آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي لاءِ امن سان گڏ پاليسين ۾ اس??حڪام ۽ تسلسل اڻٽر آهي، پاڪستان ايٽمي پروگرام ۾ معجزو ڪري ڏيکاريو هو ته هاڻي معاشي ميدان م به ڪري سگهي ٿو. ايٽمي پروگرام ۾ ڪاميابي، قيادت جي اس??حڪام، ميرٽ، ۽ انساني وسيلن جي ترقي حاصل ٿي، هن وقت اس??ن جنهن هنڌ موجود آهيون اس??ن کي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ته ڪيئن اڳيان وڌون. هن چيو ته اس??ن ماضي ۾ ويزن 2010ع، ويزن 2025 جهڙا شاندار پلان ٺاهي پر اهي سياسي عدم اس??حڪام جو شڪار ٿيا، 5 ايز فريم ورڪ تحت 29-2024ع جي پنج سالا ترقياتي منصوبي کي حتمي شڪل ڏئي رهيا آهيون، هاڻي غ??طي، ڏڦيڙ ۽ فساد جي گنجائش ناهي. هن چيو ته اس??ن وٽ سمورا علم ۽ علاج موجود آهن پر اهي رپورٽن تائين محدود آهن. هاڻي عمل ڪري علم ۽ عمل جي خساري کي پورو ڪرڻو آهي. احسن اقبال چيو ته هڪ هزار زرعي ماهرن کي وزيراعظم جي هدايت تي زراعت جي جديد طريقن ۾ عملي تربيت لاءِ چين موڪليو پيووڃي.