اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪاري لاءِ خاص اقتصادي زونز قائم ڪري رهي آهي، حڪومت عوام ۽ واپاري?? کي رليف ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. اهڙو اظهار هن ايف پي سي سي آءِ جي صدر عاطف اڪرام شيخ جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته حڪومت صنعتن جي درپيش مسئل?? کي حل ڪري رهي آهي، حڪومت عوام ۽ واپاري?? کي رليف ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت سيڙپڪاري لاءِ خاص اقتصادي زونز قائم ڪري رهي آهي. ملاقات ?? ايف پي سي سي آءِ جي وفد مهانگي بجلي ۽ آءِ پي پيز سان ناجائز معاهدن جو معاملو اٿاريو. ان موقعي تي عاطف اڪرام شيخ چيو ته ملڪ ۾ توانائي جي وڌيڪ قيمتن سبب صنعتون بند ۽ معيشت تباهه ٿي رهي آهي. توانائي جي قيمت?? کي علائقائي ملڪن جي برابر آڻڻو پوندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪاري ۽ ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ صنعت جي واڌ طرف وڃڻو پوندو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين وفد کي واپاري برادري جا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.