اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان زراعت جي شعبي ۾ چين جي ڪاميابي مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي، گوادر فري زون ۾ بنيادي سهولتن جي بنا تعطل فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وز??راعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن چيئرمين زهانگ بن جي ??يادت ۾ چيني ڪمپني هينگينگ ٽريڊنگ ڪمپني جي ??فد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وز??راعظم چيو ته پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري کي ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو ته منهنجي چين جي تازي دوري دوران پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين جي ??چ ۾ وڏي پئماني تي بزنس ٽو بزنس معاهدا طئي ٿيا جيڪا انتهائي خوش آئنده ڳالهه آهي. هن چيو ته پاڪستان زراعت جي شعبي ۾ چين جي ڪاميابي مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. وز??راعظم گوا??ر پورٽ اٿارٽي کي چيني ڪمپنين کي هر ممڪن سهولتون ڏيڻ ۽ گوادر فري زون ۾ يوٽيلٽيز جي بنا تعطل فراهمي يقيني بڻائڻ جي ??دايت ڪئي. وفد وز??راعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هينگينگ ٽريڊنگ ڪمپني پاڪستان ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، دوائن ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي، هينگينگ ٽريڊنگ ڪمپني 50 ملين ڊالر جي ??اڳت سان گوادر ۾ جديد سهولتن سان ليس ڪوس گهر (سلاٽر هائوس) تعمير ڪري رهي آهي، ڪوس گهر جي تڪميل سان پاڪستان جي ??ائيو اسٽاڪ جي شعبي سان چين کي 30 ملين آمريڪي ڊالر تائين ساليانو جي برآمدات ٿيندي، ڪوس گهر ۾ مقامي ماڻهن جي ??اءِ هڪ هزار جي ??ڳ ڀڳ نئين نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا. بريفنگ ۾ وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته هينگينگ ٽريڊ ڪمپني فارماسيوٽيڪل مصنوعات کي گوادر فري زون ۾ پراسيس ڪري چين کي برآمد ڪري رهي آهي. ان موقعي تي اقتصادي معاملن وارو وفاقي وز??ر احد خان چيما، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وز??ر راڻا تنوير حسين، ناڻي وارو مملڪتي وز??ر علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.