لاهور -05 آگسٽ (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف چيو آهي، ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کي والاريل ڄمون ڪشمير کي دنيا جي کليل جيل ۾ تبديل ڪري ظلم ۽ ڏاڍ جو نئون مثال قائم ڪيو. يوم استحصال ڪشمير تي پنهنجي پيغام ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته والاريل ڪشمير جي هر شهيد، هر مظلوم کي سلام ڪيان ٿي. ه?? چيو ته دنيا ڪيستائين اکيون بند ڪري ويٺي رهندي، ڪيستائين ڪشميري ڏاڍ ۽ جبر جو شڪار ٿيندا رهندا، ڀارت جي غي??قانوني ۽ ظالماڻي قبضي خلاف ڪشميرين جون لازوال قربانيون ضرور رنگ لائينديون. ه?? چيو ته پاڪستان دنيا جي ايوانن ۾ ڪشميرين جو آواز اٿاريندو رهندو، ڪشمير مسئلي جي پرامن حل سان ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ اس??حڪ??م ۽ ترقي ۽ ??وش??الي ممڪن آهي. مريم نواز شريف چيو ته هر پاڪستان جي دل ڪشميرين سان گڏ ڌڙڪي ٿي، ڪشميرين سان گڏ آهيون ۽ رهنداسين.