ڪوئيٽا – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي صوبائي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته مشاورت سان مسئلن جي نشاندهي ڪري ۽ انهن جي حل جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب گورنر هائوس ڪو??يٽا ۾ مسلم ليگ (ن) جي پا??ليامينٽ ميمبرن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته بلوچستان مان چونڊيل نمائندا صوبي جي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته بلوچستان ۾ صوبائي اتحادي حڪومت مشاورت سان مسئلن جي نشاندهي ڪري ۽ انهن جي حل لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن) عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي، پا??ٽي جا چونڊيل نمائندا عوامي ڀلائي تي ڌيان ڏين ۽ بلوچستان جي گورنر ۽ وڏي وزير سان مشاورت سان تڪن ۾ ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۽ درپيش مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. ملاقات ۾ بلوچستان سان تعلق ??کندڙ مسلم ليگ (ن) جي پا??ليامينٽ ميمبرن سان گڏوگڏ وفاقي وزير ڄام ڪمال خا??، اعظم نذير تارڙ، بلوچستان جو گورنر جعفر خان مندوخيل ۽ پا??ٽي عهديدار پڻ موجود هئا.