اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان غزه جي ميڊيڪل ج?? شاگردن کي پاڪستان ۾ ميڊيڪل ??ي تعليم مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو فيصلو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي هدايت تي پاڪستان ميڊيڪل ڪاليج اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) ڪيو آهي، ان سان غزه جا شاگرد پاڪستان ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي پنهنجي طبي تعليم جاري رکي سگهندا. هن چيو ته غزه سان تعلق رکندڙ ف??سطين?? شاگرد 20 کان 30 جي بئچن ۾ جلد ئي پاڪستان جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ شامل ٿيندا. ترجمان چيو ته ان فيصلي سان غزه جا شاگرد پاڪستان ۾ ڪارڊيالوجي، آرٿوپيڊڪس، آنڪولوجي، پيڊياٽرڪس ۽ سرجري جي شعبن ۾ پنهنجي طبي تعليم مڪمل ڪري سگهندا ته ج??ئن غزه جي صحت جي سارسنڀال جي نظام ۾ اهم ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي.