اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ايراني صدر سيد ??بر??هيم رئيسي جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي گهري صدمي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صدر ??بر??هيم رئيسي مسلمان امت جي اتحاد جو وڏو ح??مي هو، عالم اسلام هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري ايراني صدر ??بر??هيم رئيسي جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ايراني صدر فلسطيني ۽ ڪشميري عوام سميت عالمي سطح تي مسلمانن جي درد کي دل سان محسوس ڪندو هو، اڄ پاڪستان هڪ عظيم دوست کي وڃائڻ تي سوڳوار آهي. هن چيو ته گذريل مهيني اسان کي پاڪستان ۾ سندس ميزباني جو اعزاز حاصل ٿيو، اسان جي ڳالهه ٻولهه دوران مون کيس ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم ڏٺو، آغا رئيسي سدائين پاڪستان ۽ ان جي عوام کي خاص مقام ڏيندو هو، صدر رئيسي جو لاڏاڻو نه رڳو ايران پر پوري مسلمان امت جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. هن چيو ته صدر رئيسي کي علائقائي ۽ اسل??مي ملڪن سان لاڳاپا وڌائڻ جي ڪوششن تي ايران پاڪستان ۽ اسل??مي دنيا ۾ ياد رکيو ويندو، الله تعاليٰ سندس روح ک?? سڪون عطافرمائي، ناقابل تلافي نقصان جي هن گهڙيءَ ۾ ان جي گهرڀاتين ۽ ايران جي عوام کي صبر ۽ استقامت عطا فرمائي.