اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رفح ۾ پريشان ڪندڙ اڳڀرائي تي گهري ??ڻت?? جو اظهار ڪندي اسرائيل جي انڌاڌنڌ بمباري جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن کي شهرين کي اهڙي وحشياڻي جارحيت کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پ??سٽ ۾ وزيراعظم چيو ته رفح ۾ پريشان ڪندڙ اڳڀرائي تي گهري ??ڻت?? آهي ۽ پاڪستان اسرائيل جي انڌاڌنڌ بمباري جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن سان وڏو جاني نقصان ??يو آهي. هن چيو ته اهو افسوسناڪ آهي ته انصاف جي عالمي عدالت جي اسرائيل جي خلاف تازي و??ضح فيصلي جي باوجود بار بار عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن کي شهرين کي اهڙي وحشياڻي جارحيت کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.