اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪستان آئرلينڊ، اسپين ۽ ناروي پاران فلسطين جي رياست کي تسليم ڪر?? جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان بهاماس، ٽرينيڊاڊ ۽ ٽوباگو، ??ميڪا ۽ بارباڊوس پاران فلسطين کي تسليم ڪر?? جي تازي اعلانن جي پڻ آجيان ڪريون ٿا. اهي تازا اعلان فلسطيني عوام جي انهن جي ختم نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق لاءِ ڏهاڪن کان جاري جدوجهد ۾ هڪ سنگ ميل آهن. هن چيو ته غزه جي ??سل ڪشيءَ ۽ اتان ??ي سنگين انساني صورتحال هڪ آ??اد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪر?? طرف وڌڻ ??ي سخت ضرورت تي زور ڏنو آهي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. ترجمان چيو ته رياست لفسطين کي هاڻي گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن جي وڏي اڪثريت تسليم ڪيو آهي، تنهن ڪري هاڻي وقت اچي ويو آهي ته فلسطين کي گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي تنظيمن ۾ مڪمل ميمبرشپ فراهم ڪئي وڃي جيئن ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پنهنجي تازي قرارداد ۾ مطالبو ڪيو هو. هن چيو ته اسان گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائو??سل کان انهن وڌندڙ عالمي جذبن جو مثبت جواب ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪريون ٿا.