اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نون چونڊيل سينيٽرن کي ڪاميابي تي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سينيٽ جون چونڊون جمهوري عمل جو تسلسل آهن، اميد آهي ته نوان ??ونڊيل سينيٽرز ??ئين جي سربلندي ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم چيو ته نوان ??ونڊيل سينيٽرز ??وامي ڀلائي ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ موثر قانونسازي ۾ حصو وٺن، وفاقي ڌرين جي مضبوطي ۽ جمهوري قدرن جي پاسداري جي لاءِ سينيٽرز ??و ڪردار تمام اهميت رکندڙ آهي.