اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار کي بح??ين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني ٽيليفون ڪري پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان بح??ين لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌائڻ جي مختلف رخن جو جائزو ورتو. وزيرن ٻطرفي سياسي مشاورت ۽ گڏيل وزارتي ڪميشن جي جلد اجلاس جي ذريعي پاڪستان ۽ بح??ين جي وچ ۾ اداراجاتي تعاون کي فعال ڪري ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.