اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڊيره اسما??يل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي پاڪ فوج جي جوانن صوبيدار ياسر شڪيل ۽ س??اه?? طاهر نواز جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظها?? ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دهشتگرد ملڪ جي امن ۽ استحڪام جا دشمن آهن. هن چيو ته دهشتگردي جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي سختي سان منهن ??نو ويندو. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ ۽ قوم جي حفاظت جي لاءِ جانين جا نذران?? پيش ڪندڙ بهادر فرزندن کي سلام پيش ڪريون ٿا.