ڪوئٽه _ 8 فيبروري (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر ??لو??ستان ۾ به عام چونڊن لاءِ پولنگ جاري آهي. 53 لک 71 هزار کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي رائي جو حق استعمال ڪندا. تفصيل مط??بق ??لو??ستان ۾ قومي اسيمبلي جي 16 جنرل سيٽن تي 429 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 51 جنرل سيٽن تي 1267 اميدوار ميدان ۾ آهن. صوبي ۾ ڪل پنج هزار 26 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون ويون آهن جنهن مان 1651 انتهائي حساس،2249 حساس ۽ 1126 نارمل پولنگ اسٽيشن قرار ڏ??يون ويون آهن. ??لو??ستان ۾ صبح 8 وڳي کان 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي پولنگ عمل جاري رهندو. 30 هزار کان وڌيڪ اهلڪار سيڪيورٽي جا فرض انجام ڏيندا. چيف اليڪشن ڪمشنر ??لو??ستان فريد آفري??ي مط??بق قومي اسيمبلي جي 16 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ تي مجموعي طورتي 53 لک 71 هزار 947 ووٽ آهن. جنهن مان 30 لک 16 هزار 164 مرد 23 لک 55 هزار 783 عورتون شامل آهن. هن چيو ته صوبي ۾ ڪل 5 هزار 26 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن جتي 15 هزار 626 پولنگ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن.