اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي قابض عملدارن پاران مسلم ليگ ڄمون ۽ ??شم??ر کي پنجن سالن جي لاءِ ”غيرقانوني“ قرار ڏيڻ جي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پارٽي جي قيادت هڪ ناليوارو ??شم??ري اڳواڻ مسرت عالم بٽ ڪري رهيو آهي جيڪو 20 سالن کان وڌيڪ عرصي کان قيد ۾ آهي، مسلم ليگ ڄمون ۽ ??شم??ر پنجين ??شم??ري پارٽي آهي جنهن کي غيرقانوني سرگرمين جي (روڪٿام) ايڪٽ (يو اي پي اي) تحت ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي. بيان موجب ان کان اڳ ڄمون ۽ ??شم??ر لبريشن فرنٽ، جماعت اسلامي ڄمون ۽ ??شم??ر، دختران ملت ۽ ڄمون ۽ ??شم??ر ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي، انهن پارٽين جي قيادت کي ڊگهي حراست ۽ ملڪيتن جي ضبطگي جي ذريعي مسلسل ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي. بيان ۾ چيو ويو آ??ي ته هن سال جي شروع ۾ سرينگر ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آفيس کي پڻ سيل ڪيو ويو هو. بيان موجب سياسي پارٽين تي پابندي ۽ انهن جي قيادت تي ظلم ۽ ڏاڍ جمهوري اصولن ۽ عالمي انساني حقن ۽ انساني قانونن جي واضح خلاف ورزي آهي ۽ اهو قدم اختلاف راءِ کي دٻائڻ جي خواهش ظاهر ڪري ٿو. بيان موجب ڄمون ۽ ??شم??ر جي عوام ڀارت جي قبضي کي مستحڪم ڪرڻ جي انهن سخت حربن کي مسلسل رد ڪري ڇڏيو آهي، اهي قدم گڏيل قومن جي چارٽر جي بنيادي اصولن جي واضح خلاف ورزي آهن جيڪي ڄمون ۽ ??شم??ر جي ماڻهن جي بنيادي حقن بشمول خودمختياري جي حق جي توثيق ڪن ٿا. بيان ۾ چيو ويو آ??ي ته ڀارت کي فوري طور تي پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ ڪالعدم سياسي پارٽين تي هنيل پابنديون هٽائڻ گهرجن، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ۽ ڄمون ۽ ??شم??ر تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.