اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معذور ماڻه?? جي چرپر ۽ پهچ وڌائڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن طرف معاشرتي روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، انهن کي جامع تعليم ۽ هنر جي فراهمي کانپوءِ صلاحيتن ۽ معذوري جي حساب سان نوڪريون ڏيڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينٽر فار پيس اينڊ ڊيولپمينٽ انيشي ايٽوز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ سينٽر فار پيس اينڊ ڊيولپمينٽ انيشي ايٽوز جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مختار احمد علي، سم??جي ڪارڪن ۽ خصوصي ماڻهو شامل هئا. وفد صدر کي معذور ماڻه?? جي مخصوص ضرورتن ۽ مسئلن بابت ٻڌايو. صدر معذور ماڻه?? جي چرپر ۽ پهچ وڌائڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته خصوصي ماڻه?? جي سهولت لاءِ بازارن ۽ عوامي جاين تي استعمال جوڳا ريمپس تعمير ڪرڻا پوندا. هن خصوصي ماڻه?? جي معاون ٽيڪنال??جي تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ قدمن تي زور ڏيندي چيو ته انه?? جي علم ۽ معلومات تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنال??جي جي مدد ورتي وڃي. صدر چيو ته معذور ماڻهن طرف معاشرتي روين ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي، خصوصي ماڻهن کي جامع تعليم ۽ هنر جي فراهمي کانپوءِ صلاحيتن ۽ معذوري جي حساب سان نوڪريون ڏنيون وڃن، ان سلسلي ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ خصوصي ماڻه?? جي نوڪري?? جي ڪوٽا تي عملدرآمد جي ضرورت آهي، ان سان گڏوگڏ خصوصي ماڻه?? جي معاشي خودمختياري جي لاءِ انهن کي هنر ۽ قرض?? جي فراهمي آسان بڻائڻي پوندي.