اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم کي موجوده دور جي گهرجن ۽ معيشت جي ضرورتن سان ??م آهنگ ڪرڻ ۽ فني ۽ سائنسي مضمونن ۾ وظيفا متعارف ڪرائڻ، ٻاهرئين ملڪ تربيت هيٺ پاڪستاني شاگردن کي وظيفن جي فراهمي ۾ اي??دڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ، تحقيق جي لاءِ فنڊز فراهمي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ تربيت يافته ا??رادي قوت خاص طور تي نرسنگ جي شعبي ۾ تربيتي صلاحيت وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران ??زيراعظم کي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي صورتحال، شاگردن جي لاءِ وظيفن، ملڪ جي يونيورسٽين جي صورتحال ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ نگران ??زيراعظم ملڪي تعليمي شعبي جي موجوده ا??گن اکرن بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ هن وقت هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جا تسليم ٿيل 259 اعليٰ تعليمي ادارا آهن. اجلاس ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته گذريل سالن ۾ پاڪستان ۾ عالمي معيار جي يونيورسٽين جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي. اجلاس ۾ ملڪ جي تعليمي شعبي ۾ پليجرزم جي خاتمي لاءِ جوڙيل حڪمت عملي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن قائم ٿيڻ کان ??ٺي هيستائين پي ايڇ ڊي جا 20 هزار کان ??ڌيڪ وظيفا فراهم ڪيا ويا آهن. نگران ??زيراعظم کي اجلاس ۾ قومي ۽ عالمي وظيفن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. نگران ??زيراعظم ملڪ ۾ عالمي مارڪيٽ جي گهرجن موجب فني ۽ سائنسي مضمونن ۾ وظيفن جي ترويج جي هدايت ڪئي. نگران ??زيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي سرڪاري وظيفن جي ذريعي اي??دڙ نتيجن جي حوالي سان ??ڪ ٺوس رپورٽ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران ??زيراعظم ٻاهرئين ملڪ تربيت هيٺ پاڪستاني شاگردن جي وظيفن جي رقم جاري ڪرڻ ۾ اي??دڙ رڪاوٽن جي خاتمي جي هدايت ڪئي. نگران ??زيراعظم چيو ته پاڪستان جي انساني ۽ فني وسيلن جي ترقي لاءِ اسان کي ملڪ ۾ سائنس ۽ انجنيئرنگ جهڙن مضمونن ۾ وظيفن کي فروغ ڏيڻو پوندو. نگران ??زيراعظم کي اڪيڊميز ۽ ملڪي صنعت جي وچ ۾ حصيداري جي لاءِ جوڙيل حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. نگران ??زيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي آءِ ٽي ۽ فارماسيوٽيڪل انڊسٽري کان تحقيق جي فنڊنگ ڪرائڻ جي حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران ??زيراعظم صوبن ۾ تعليمي شعبي جا مالي مسئلا حل ڪرڻ جي حوالي سان سمورن صوبائي عملدارن جو اجلاس منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. نگران ??زيراعظم چيو ته ملڪ جي ترقي جي لاءِ عوام ۾ عالمي معيار جي تعليم مهيا ڪرڻ لازمي آهي. نگران ??زيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ملڪ ۾ هنرمند افرادي قوت خاص طور تي نرسن جي لاءِ تربيتي پروگرام جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران ??زيراعظم چيو ته اسان جي افرادي قوت اسان جو تمام وڏو اثاثو آهي ۽ تربيت يافته ا??رادي قوت جي ذريعي اسان عالمي مارڪيٽ ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي سگهون ٿا. اجلاس ۾ نگران ??زيراعظم کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن پاران کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. انهن قدمن ۾ لاهور ۽ ڪراچي ۾ جديد ڊيٽا سينٽر قائم ڪرڻ، جديد ترين سپر ڪمپيوٽرز جو استعمال ۽ ٻيا پروگرام سرفهرست آهن. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو نگران ??فاقي وزير، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين، سيڪريٽري ايجوڪيشن ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.