اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي 27 آڪٽوبر کي ڄمون ڪشمير رياست جو ڪارو ڏينهن قرار ڏيندي چيو ??هي ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت پنهنجي فوج ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لاهي غاصباڻو قبضو ڪيو. ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير جي وڏي حصي کي فوجي ڇانوڻيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، اڄ 76 سال گذري ويا، ڀارت ان علائقي تي زبردستي قبضو جاري رکيو پيو اچي. گهرو وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو ته گڏيل قومون ۽ عالمي تنظيمون ڀارت جي ظلمن کي روڪي نه سگهيون. نريندر مودي گڏيل قومن جي قرارداد?? جون ڌڄيون اُڏائي ڇڏيون. ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل واديءَ ۾ سياسي نظام کي ويڙهي ڇڏيو. ڪشميري عوام جي آواز کي دٻائڻ لاءِ نوان قانون مڙهي ڇڏيو. هن چيو ته ڪشميري عوام جا حقيقي نمائندا سالن کان قيد آهن ۽ جيل جون سختيون بر??اشت ڪري رهيا آهن. ڀارتي ظلمن کي دنيا جي نظرن کان اوجهل رکڻ لاء?? ميڊيا تي پابنديون مڙهيون پيون وڃن. تحريڪ آزاديءَ جي هن جنگ ۾ هزارين بيگناهه ڪشميري پنهنجي جاني?? جون قربانيون ڏئي چڪا آهن. ڀارت جي ايڏي وڏي فوج به ڪشميرين جي خوداراديت واري جدوجهد کي دٻائڻ ۾ ناڪام آهي، غزه جي تازا ترين صورتحال ثابت ڪيو ??هي ته پُراڻا حل طلب تڪرار عالمي امن لاءِ لاڳيتو خطرو آهن، ڪشميري?? جو خوداراديت وارو حق عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام اڄ به پنهنجي منصفاڻي جدوجهد تي ڄمي بيٺل آهي، پاڪستا?? جو عوام ڪشميرين سان گڏ ??هي ۽ گڏ رهندو. ڀارت طاقت جي ڏڍ تي ڪشميري?? جو آزاديءَ وارو جذبو گهٽ نٿو ڪري سگهي. پاڪستان پنهنجي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.