بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين پاڪستان جو اسٽريٽجڪ حصيدا?? آهي، پاڪستان کي چين جي دوستي تي فخ?? آهي، چين سان سمورن شعبن ۾ لاڳاپن جو فروغ چاهيون ٿا، بيلٽ اينڊ روڊ منصوبو درپيش چئلينجن کي منهن ??يڻ جو بهترين ذريعو آهي. چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته دنيا جي ڪا طاقت پاڪستان چين لاڳاپن ۾ ڏار نه ٿي وجهي سگهي. چين پاڪستان جو اسٽريٽجڪ حصيدا?? آهي، شي جن پنگ جي ويزنري قيادت ۾ پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻا مو??عا موجود آهن. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ گهرائڻ تي چيني قيادت جا ٿورائتا آهيون، چين جي ترقي سڀني جي لاءِ بهترين مثال آهي، چيني صدر جي گذريل ڏينهن جي تقرير ان جي عظيم ويزن جي عڪاس هئي. هن چيو ته پوري دنيا کي تمام گهڻا چئل??نج?? درپيش آهن. ان مو??عي تي چين جي صدر شي جن پنگ چيو ته چين پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ لاڳاپن جو فروغ چاهي ٿو، سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي مضبوط لاڳاپن جو عڪاس آهي.