اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چي?? آهي ته اسلام ج?? ا??ن ۽ محبت جي حقيقي پيغام کي ڦهلائڻ جي ضرورت آهي، حضور صه جي ناموس جي حفاظت ڪرڻ هر مسلمان جو فرض آهي پر ان سان گڏوگڏ اسان کي پنهنجي دين جي پرامن فطرت کي به دنيا آڏو رکڻ گهرجي، پاڪستاني قوم کي سنگين چئلينجز درپيش آهن جن جو مقابلو رڳو قومي رحمت اللعالمين اٿارٽي ئي ڪري سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشن?? رحمت اللعالمين اٿارٽي جي دوري جي موقعي تي چيئرمين خورشيد احمد نديم سان ملاقات دوران ڪيو. مدد علي سنڌي چيو ته قومي رحمت اللعالمين اٿارٽي (اين آر اي) جو مينڊيٽ قوم جي تعمير جي لاءِ ??هم آهي. هن تنظيم جي مشن ج?? ا??ميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني قوم کي سنگين چئلينجز درپيش آهن جن جو مقابلو رڳو رحمت اللعالمين اٿارٽي ئي ڪري سگهي ٿي. نگران وفاقي وزير چيو ته اسان جي معاشري ۾ عدم برداشت آهي ۽ اسلام ج?? ا??ن ۽ محبت جي حقيقي پيغام کي اسان جي ملڪ ۾ ڦهلائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جو مذهب امن جو مذهب آهي. هن مديني جي رياست جي ويزن ج?? ا??ميت تي زور ڏنو. هن چيو ته ربيع الاول جي مقدس مهيني جي احترام ۾ اٿارٽي کي پنهنجي پيغام کي عام ڪرڻ جي لاءِ هر سطح تي ڪيترائي سيمينارز، ڪانفرنسز ۽ مذاڪرا منعقد ڪرڻ گهرجن. اين آر اي جي چيئرمين نگران وفاقي وزير کي نيشن?? رحمت اللعالمين اٿارٽي جي جاري سرگرمين ۽ مينڊيٽ کان آگاهه ڪيو. نگران وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته اين آر اي جو مينڊيٽ قوم جي ڪردارسازي جي ذريع?? ا??صاف، قانون جي حڪمراني ۽ فلاحي معاشري تي ٻڌل مديني جي رياست جي تصور کي عملي جامعو پارائڻ آهي. اين آر اي چيئرمين تنظيم کي درپيش چئلينجز پن پيش ڪيا. نگران وفاقي وزير چيئرمين کي يقين ڏياريو ته تعليم واري وزارت کيس مڪمل تعاون فر??هم ڪندي ته جيئن ادارو پنهنجي فرضن کي موثر طريقي سان سرانجام ڏئي سگهي. نگران وفاقي وزير چيئرمين کي حڪم ڏنو ته هو پنهنجي آگاهي مهم کي اڳتي وڌائي. هن چيو ته اسلامو فوبيا هڪ خطر?? آهي جنهن کي هر سطح تي منهن ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته حضور نبي اڪرم ﷺ جي ناموس جي حفاظت ڪرڻ هر مسلمان جو فرض آهي پر ان سان گڏوگڏ اسان کي پنهنجي دين جي پرامن فطرت کي به دنيا آڏو رکڻ گهرجي.