اسلام آباد – 12 – س??پٽ??بر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز اجلاس جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو. نگران پرڏيهي وزير ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجلاس (سي وائي ايم ايم) جي اجلاس ج?? صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان 30 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪامن ويلٿ ايونٽ جي قيادت ڪري رهيو آهي. وزارتي اجلاس جيڪو 12 کان 15 س??پٽ??بر تائين لنڊن ۾ منعقد ٿي رهيو آهي، جو ٿيم ”ايم هائر: ڊيليورنگ مور فار ينگ پيپل ان دي ڪامن ويلٿ“ آهي. پاڪستان اجلاس ج?? صدارت سنڀالي ورتي آهي ۽ هو ايندڙ سال ساموا ۾ ٿيندڙ دولت مش??رڪ?? جي حڪومتي سربراهي اجلاس کان اڳ ايجنڊا جوڙڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نگران پرڏيهي وزير جي لنڊن وزارتي اجلاس ۾ شر??ت ڪندڙ وزيرن ۽ دولت مش??رڪ?? جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقات پڻ متوقع آهي. پاڪستان دولت مش??رڪ?? ۽ ان جي فليگ شپ ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪو ان جي پنجاهين سالگرهه جي موقعي تي ٿي رهيو آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ان موقعي تي نوجوانن جي لاءِ سيڙپڪاري ۽ موقعا پيدا ڪرڻ ??ي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تي روشني وڌي. هن چيو ته مشغوليت نوجوانن جي معاشري ۾ انهن جي اونرشپ وڌائي ٿي. هن عالمي پائيدار ترقي جي ايجنڊا ۾ نوجوانن جي شموليت کي وڌائڻ جي لاءِ دولت مش??رڪ?? جي ڪردار جو پڻ ذڪر ڪيو.