اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات و??ري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ س??لنگي چيو آهي ته بٽگرام چيئر لفٽ واقعي جي ??تا??رين کي ڪاميابي سان ريسڪيو ڪيو ويو، چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندي، نگران حڪومت جو ان ۾ ڪو ڪردار نه آهي، اليڪشن ڪميشن کي تڪبندين جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ چا?? مهينا گهربل آهن، سياسي پارٽين کي 54 ڏينهن چونڊ مهم جي لاءِ به ڏيڻا آهن، چونڊن ۾ معمولي دير ٿي سگهي ٿي، اسان پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”سي اين اين انٽرنيشنل“ سان ڳالهائيندي ڪيو. چيئر لفٽ واقعي بابت سوال جي جواب ۾ اط??اعات و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته چيئر لفٽ واقعو خيبرپختونخواهه جي ڏورانهين علائقي بٽگرام ۾ پيش آيو جتي ريسڪيو جي ڪوششن ۾ ڪافي مشڪلاتون هيون. هن ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا کي جڏهن واقعي جي اط??اع ملي ته ان صوبائي ۽ وفاقي اٿارٽيز سان رابطو ڪيو، آرمي ايوي ايشن، پاڪستان ايئر فورس، پاڪستان آرمي جي اسپيشل سروس گروپ جي جوانن ۽ جنرل آفيسر ڪمانڊنگ ڪاميابي سان ريسڪيو آپريشن کي ڪامياب بڻايو ۽ سمورن ??تا??رين کي حفاظت سان هيٺ لاٿو. هن چيو ته صوبائي حڪومت سمورين چيئر لفٽس جي تفصيلي معائني جا حڪم ج??ري ڪري ڇڏيا آهن، علائقي ۾ سمورين چيئر لفٽس جو معائنو ڪيو پيو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته اهڙو واقعو ٻيهر نه ٿئي. مرتضيٰ س??لنگي چيو ته هي علائقو 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ سان شديد ??تا??ر ٿيو، هتي انفراسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو هو، توهان سمجهي سگهو ٿا ته موسمياتي تبديلي ڪهڙي طرح هن علائقي کي ??تا??ر ڪيو. چونڊون منعقد ڪرڻ بابت سوال جي جواب ۾ اط??اعات و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان آئيني ادارو آهي جيڪو چونڊون منعقد ڪرڻ جو ذميوار آهي، اليڪشن ڪميشن کي تڪبندين جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ چا?? مهينا گهربل آهن، ان کانسواءِ سياسي پارٽين کي 54 ڏينهن چونڊ مهم جي لاءِ ڏيڻا هوندا آهن ان لاءِ چونڊن ۾ معمولي دير ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته نگران حڪومت هڪ هفتو اڳ ئي چارج سنڀالي آهي، اسان پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن اڳ ۾ ئي پنهنجو ٽائيم ٽيبل ج??ري ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندي، ان ۾ نگران حڪومت جو ڪو ڪردار نه آهي.