اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي لاءِ علائقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مضبوط هدفن جي فروغ لاءِ وڌ کان وڌ واپار ۽ بهتر علائقائي رابطن جي ذريعي پنهنجي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايران جي پرڏيهي ??زي?? حسين امير عبداللهيان سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو جنهن ??زي??اعظم سان ملاقات ڪئي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڏيندي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ خاص طور تي اقتصادي شعبي ?? پاڪ ايران ٻطرفي تعاون جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف 18 مئي 2023ع تي پشين – مند سرحدي بازار جي گڏيل افتتاح جي موقعي تي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ملاقات جو حوالو ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سرحدي علائقن جي اقتصادي ترقي جي لاءِ کنيل قدم پاڪ ايران گڏيل ترجيحن جا واضح عڪاس آهن. ??زي??اعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ بهتري لاءِ ان حوالي سان گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ايران جي صدر رئيسي جي ”پاڙيسري سڀ کان اڳ“ جي پاليسي هڪ محفوظ، خوشحال ۽ هڪ ٻئي سان گڏيل ٺوس خطي جي حوالي سان سندس ويزن سان مڪمل طور تي هم آهنگ آهي. ??زي??اعظم پاڪستان ۽ ايران جي لاءِ علائقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مضبوط هدفن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ واپار ۽ بهتر علائقائي رابطن جي ذريعي پنهنجي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ??زي??اعظم اسلامو فوبيا ۽ مسلمان مخالف نفرت جي وڌندڙ واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظه??ر ڪندي پاڪستان جي ايران سم??ت ٻين اسلامي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پختي عزم تي زور ڏيندي چيو ته اهڙي قسم جي نفرت انگيز ڪاررواين جي خلاف هڪ متفقه موقف جو اظه??ر ڪرڻ گهرجي جنهن جو مقصد معاشرن ۽ برادرين جي اندر انتشار ۽ فرق جو ٻج ڇٽڻ آهي. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ايران لاڳاپا قيادت جي سطح تي متواتر مٽاسٽا، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙائي ۽ گڏيل دلچسپي جي سم??رن شعبن ۾ مضبوط تعاون جي ترقي ۽ فروغ جي ضرورت آهي.