اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف گڏيل ??رب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد آل نهيان جي ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد آل نهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افس??س جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته سڄي پاڪستاني قوم ڀائر ملڪ گڏيل ??رب امارات، شاهي خاندان ۽ يو اي اي جي عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند ڪري ۽ گهرڀاتين کي صبر عطا فرمائي.