اسلام آباد ??? 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع ڏينهن اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي مختلف ترق??ات?? منصوبن جي افتتاح ۽ پيڙهه جي پٿر وارين تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سرينگر هاءِ وي تي سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج جو افتتاح ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم آءِ جي پي روڊ جي نئ??ن سر تعمير جي منصوبي جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. ان کانپوءِ وزيراعظم اليونٿ ايونيو جي پيڙهه جو پٿر رکندو. وزيراعظم کي انهن منصوبن تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني ويندي ۽ وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.