اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي وچ ۾ ٽيليفون تي ر??بطو ٿيو. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي ک?? عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني. صدر اردوان وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان جي عوام ک?? عيد جي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو ??ڻ جائزو ورتو. هنن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جو ستون اجلاس قيادت کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن خاص طور تي اقتصادي شعبي ?? وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪندو. پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا مذهب، ثقافت ۽ تاريخي ر??تن ۾ ڳنڍيل آهن. قيادت جي سطح تي باقاعدگي سان رابطو ان اسٽريٽجڪ حصيداري جي نمايان خصوصيت آهي.