اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شن??هائي تعاون تن??يم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شن??هائي تعاون تن??يم جي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي ويزن کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ۽ شن??هائي تعاون تن??يم جي مقصدن جي منافي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتازه زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي شهر گووا ۾ ايس سي او پاران پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. اجلاس جي ايجنڊا ۾ علائقائي سلامتي، اقتصادي تعاون ۽ رابطن جي مسئلي سان گڏوگڏ عالمي اقتصادي ۽ سياسي اڳڀرائي تي شن??هائي تعاون تن??يم جي موقف تي ڳالهه ٻولهه شامل هئي. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير شن??هائي تعاون تن??يم جي اجلاس ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو ۽ خطي ۾ موثر ٽرانسپورٽ، ڪوريڊورز ۽ ڀروسي جي قابل سپلائي چين جي ??عم??ر جي تجويز پيش ڪئي. ان سان گڏوگڏ هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سي پيڪ علائقائي رابطن جي لاءِ هڪ قوت ثابت ٿي سگهي ٿو. ترجمان وڌيڪ چيو ته پرڏيهي وزير دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ جامع ۽ اجتماعي موقف تي زور ڏنو ۽ چيو ته سفارتي پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ دهشتگردي کي هٿيار نه بڻائڻ گهرجي. هن ڄاڻي واڻي اشتعال انگيز ۽ نفرت تي اتساهڻ جي به مذمت ڪئي ۽ فاشسزم جي خلاف گڏيل جدوجهد تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پرڏيهي وزير ايس سي او جي اجلاس جي موقعي تي چين، روس، قزاقستان، ازبڪستان، تاجڪستان ۽ ڪرغزستان جي هم منصبن ۽ شن??هائي تعاون تن??يم جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته پرڏيهي وزيرن جي اجلاس پاڪستان کي شن??هائي تعاون تن??يم سان پنهنجي ڳانڍاپي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ويزن پيش ڪرڻ جو اهم موقعو فراهم ڪيو. ترجمان چيو ته 2017ع ۾ شن??هائي تعاون تن??يم جو ميمبر بڻجڻ کانپوءِ پاڪستان ايس سي او جي سڀني سرگرمين ۾ فعال ۽ ??عم??ري طور تي حصو ورتو آهي ۽ ان شن??هائي تعاون تن??يم جي گهڻ رخي شعباجاتي ايجنڊا جي پيروي ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو آهي.