اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪست??ن ?? ايران بارڊر مند ?? پشين ڪراسنگ پوائنٽ جي لاءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اڄ خميس ڏينهن مند ?? پشين سرحد (پاڪست??ن ?? ايران سرحد) تي اير??ني صدر ابراهيم ر??يسي به ايندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اير??ني صدر ابراهيم ر??يسي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ لاءِ بارڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪندا. بارڊر مارڪيٽ جي قيام سان سرحد جي ٻنهي طرفن رهندڙ ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ اسمگلنگ کي روڪي سگهبو. ان کانسواءِ حڪومت وڌيڪ 5 بارڊر مارڪيٽس تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن کي جلد واپار جي لاءِ کوليو ويندو. وڌيڪ اهو ته ٻئي اڳواڻ 100 ميگاواٽ گبد- پولان بجلي جي ٽرانسميشن لائين جو افتتاح به ڪندا. گبد پولان ٽرانسميشن لائين وزيراعظم شهباز شريف جي ذاتي دلچسپي جي ڪري رڪارڊ مُدي ۾ تعمير ٿي. ان ٽرانسميشن لائين جي مڪمل ٿيڻ سان ايران گهٽ لاڳت بجلي جي مجموعي پيداوار 204 ميگاواٽ ٿي وئي آهي، جنهن سان وزيراعظم شهباز شريف جو بلوچستان ۾ بنا رڪاوٽ جي بجلي فراهمي جو واعدو پورو ٿيو. دوري دوران وزيراعظم ۽ اير??ني صدر جي وچ ۾ غيررسمي ملاقات به ٿيندي.