ڪراچي – 28 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمي?? ۽ ??رڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت ڪندي واقعي ۾ ٽن اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد اهلڪارن نائيڪ صوبيدار تاج مير، حوالدار ذاڪر احمد ۽ سپاهي عابد حسين کي ملڪ جي خاطر جان نڇاور ڪرڻ تي سلام پي?? ڪريان ٿو. هن چيو ته شهيد اهلڪارن جي پونئيرن جي ڏک ۾ پوري قوم برابر جي شريڪ آهي، شه??د قوم جا بهادر فرزند هئا. بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردن کي جهنم رسيد ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏني. هن چيو ته دنيا ڏسي وٺي، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف منهن ڏئي رهيو آهي، فتح انسانيت جي ٿيندي.