اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد شهاب الدين کي بنگلاديش جي 22 هين صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. صدر هڪ ٽوئيٽ ۾ بنگلاديش جي نئين چونڊيل صدر کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته مون کي يقين آهي ته ان جي صدارت جي دور ۾ ٻنهي ملڪن جا ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آئون توهان جي عهدي ۾ تمام گه??ي ڪامياب مدي جي خو??هش ڪريان ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي ل??ءِ توهان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهيان.