اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دهشت ۽ تشدد وارا منظر ٽي وي تي نه هلائڻ جي ضابطه اخلاق بابت پيمرا آرڊر تي ڪجهه خدشا سامهون آيا آهن، ان آرڊر ۾ ده??تگ??دي، ان کانپوءِ جا منظر، لاش، تباهي نه ڏيکارڻ جو چيو ويو آهي، ان حڪم جو بنيادي مقصد عوام کي خوف ۽ دهشت کان بچائڻ آهي، ده??تگ??دن جو اصل مقصد ۽ هدف عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ ئي هوندو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته سڄي دنيا ۾ اهي حدون مقرر آهن، هر ذميوار ادارو ۽ آرگنائيزيشن ان جي پاسداري ??ري ٿو، ده??تگ??دي جي ڪاررواين جي ڪوريج جو هڪ عالمي ضابطو آهي، اهو ملڪي قانون جو حصو آهي، پوري دنيا ۾ انهن ضابطن تي بنا ڇوٽ عمل ٿئي ٿو. هن چيو ته ده??تگ??دي جي واقعن جي سڌوسنئون ??شر??ات ڏيکارڻ سان ده??تگ??دن کي پڻ مدد ملي ٿي، آپريشن کانپوءِ جي حساس معلومات پڻ شرپسندن کي ملي وڃي ٿي. هن چيو ته اظهار جي آزادي جي حق کي مقدس سمجهون ٿا، ان حق جي لاءِ اسان سدائين جدوجهد ڪئي آهي، اظهار راءِ جي آزادي تي ٺاهه نه ڪندي قانونن تي عمل ڪنداسين.