اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان بيجنگ ۾ چين جي پرڏيهي وزير ڪن گينگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ چين ڀائر ملڪ، قابل اعتماد دوست ۽ امن ۽ ترقي جي لاءِ پائيدار حصيدار آهن. پرڏيهي سيڪريٽري سان ڳالهائيندي ڪن گينگ چين پاڪستان ا??ٽر??ٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي لاءِ چين جي پڪي عزم کي و??جا??و ۽ پاڪستان کي هر قسم جي تعاون جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو. چين جي پرڏيهي وزير ڪن گينگ ۽ پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد خان اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي حالتن ۾ چين پاڪستان ا??ٽر??ٽجڪ لاڳاپن جي اهميت کي و??جا??و ۽ گڏيل لاڳاپن ۾ مستحڪم رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن نومبر 2022ع ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بيجنگ جي دوري دوران طئي ٿيندڙ اتفاق راءِ کي وڌيڪ سگهارو ب??ائ?? تي اتفاق ڪيو ته جيئن پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ)، واپار ۽ سيڙپڪاري، مالي تعاون، سماجي تعاون، اقتصادي ترقي، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن سميت متنوع ڊومينز کي وڌيڪ اڳتي وڌائي سگهجي.